APP16-03 ISLAMABAD: July 03 - Adviser to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs, Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing a meeting of the Economic Coordination Committee of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم ڊويزن کي اضافي بزنس پاڪستان ريلويز کي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن جي پهچ جو ڪرايو ٻين آمدرفت جي ذريعن جي مقابلي ۾ سڀ کان گهٽ آهي. ڪابينا جي اقتصادي ربطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.