APP67-15 BAJAUR: March 15 - Prime Minister Imran Khan addressing the public gathering in Khar. APP

باجوڙ – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان امن چاهي ٿو، اسان ڀارت سان جنگ بدران واپار ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين جا خواهشمند آهيون، ڀارت اليڪشن کان پهرين ڪا ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ اسان کي چوڪس رهڻو پوندو،. هو باجوڙ خار ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهتمام هيٺ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو.