APP11-04 ANKARA: January 04 - Prime Minister Imran Khan in a group photo with members of Turkey-Pakistan Business Council of the Foreign Economic Relations Board of Turkey (DEIK). APP

انقره – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ وڌندڙ ترڪ سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪ ترڪ مثالي ڀائراڻن لاڳاپن کي فعال اقتصادي حصيداري ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ناليوارين ترڪ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ترڪي جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا بورڊ جي پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ اجلاس ۾ اٽڪل 20 ناليوارن سيڙپڪارن شرڪت ڪئي جن جا ڪيترائي منصوبا پاڪستان ۾ جاري آهن.