APP68-08 ISLAMABAD: October 08 - Prime Minister Imran Khan addressing a gathering during the ceremony at PM Office Islamabad regarding the launch of Clean & Green Pakistan initiative. APP

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ چار رُخي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم جو افتتاح ڪندي پوري قوم کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، فضائي ۽ زميني آلودگي سميت هر قسم جي آلودگي جو خاتمو ڪيو ويندو، قومي سطح تي صفائي جي ملڪ گير تحريڪ جو باقاعده ۽ عملي آغاز 13 آڪٽوبر تي ٿيندو. هو وزيراعظم آفيس ۾ صاف ۽ سربسز پاڪستان مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.