ايران جي سفير پاران عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي عمران خان کي مبارڪون

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير مهدي هنر دوست تازين عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي مبارڪباد ڏني آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري بيان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ ايران جي سفير چيو آهي ته پاڪستان جي عوام تازين چونڊن ۾ وڏي پئماني …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير مهدي هنر دوست تازين عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي مبارڪباد ڏني آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري بيان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ ايران جي سفير چيو آهي ته پاڪستان جي عوام تازين چونڊن ۾ وڏي پئماني تي شرڪت ڪري نه رڳو جمهوريت کي مضبوط بڻايو پر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي نمائندن جي چونڊ جو حق استعمال ڪيو.

مزید خبریں