ملڪي وسيلن مان وڌيڪ فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن: سيد علي ظفر

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سيد علي ظفر پرائيويٽ پاور انفراسٽرڪچر بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪي وسيلن مان وڌيڪ فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ بجلي جي پيداوار جي لاءِ درآمدي ٻارڻ تي گهٽ ڀاڙيو وڃي ته جيئن بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ۽ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي مٽاسٽا جي ناڻي …

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سيد علي ظفر پرائيويٽ پاور انفراسٽرڪچر بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪي وسيلن مان وڌيڪ فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ بجلي جي پيداوار جي لاءِ درآمدي ٻارڻ تي گهٽ ڀاڙيو وڃي ته جيئن بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ۽ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي مٽاسٽا جي ناڻي کي بچائي سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پرائيويٽ پاور انفراسٽرڪچر بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو دارومدار سستي توانائي تي هوندو آهي.

مزید خبریں