اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد چيو آهي ته چونڊن جون تياريون صحيح رخ ۾ آهن، سڄي ملڪ جي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ پهچ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي جي چونڊ مهم روڪڻ جون ڳالهيون صحيح نه آهن، سموريون پارٽيون ڀرپور انداز ۾ مهم هلائي رهيون آهن، سمورا ادارا اسان سان ڀرپور تعاون ڪري …
چونڊن جون تياريون صحيح رخ ۾ آهن: سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد چيو آهي ته چونڊن جون تياريون صحيح رخ ۾ آهن، سڄي ملڪ جي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ پهچ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي جي چونڊ مهم روڪڻ جون ڳالهيون صحيح نه آهن، سموريون پارٽيون ڀرپور انداز ۾ مهم هلائي رهيون آهن، سمورا ادارا اسان سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن اداري جو دٻاءُ نه آهي، رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم تحت قوم کي نتيجا پي ٽي وي ذريعي ڏينداسين، چونڊ مواد نه ملڻ جي ٽن چئن شڪايتن جو تدارڪ ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ساڍا چار لک پوليس، ساڍا ٽي لک فوجي اهلڪار ضابطه اخلاق تحت چونڊن دوران پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، 8 لک سيڪيورٽي اهلڪار لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي ماتحت هوندا.











