APP26-28 ISLAMABAD: May 28 – Speaker National Assembly Sardar Ayaz Sadiq along with Prime Minister of Pakistan Shahid Khaqan Abbasi and Leader of Opposition Syed Khursheed Ahmed Shah addressing the press conference at Parliament House. APP

اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ايندڙ نگران وزيراعظم جي حوالي سان اتفاق راءِ ٿي ويو آهي جنهن موجب جسٽس (ر) ناصرالملڪ ايندڙ نگران وزيراعظم هوندو. پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو اهم ڏينهن آهي ڇو ته ايندڙ عبوري وزيراعظم جي نالي تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي.