APP35-19 LONDON: April 19 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi along with other Commonwealth Heads of Government in a group photo with Her Majesty Queen Elizabeth II at the Formal Opening of CHOGM-2018 in Buckingham Palace. APP

لنڊن – 19 اپريل (اي پي پي) دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ باضابطا افتتاحي تقريب بڪنگهم پيليس ۾ ٿي. برطانيا جي ملڪه ايلزبيٿ ٻه 53 رڪني دولت مشترڪه سربراهه اجلاس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ملڪه برطانيا نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اهو يقين ظاهر ڪيو ته وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال دنيا ايندڙ نسل جي حوالي ڪئي ويندي.