اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، اترئين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن تي خشڪ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٿڌ رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد مٺي 41، ٺٺو، حيدرآباد ۽ لسٻيلو ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











