ڪيف-13 آڪتوبر (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي دعويٰ ڪئي آهي ته روس يوڪرين جي توانائي جي 6 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب زيلنسڪي جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن بعد سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو هيو ته روس ۽ يوڪرين هڪ ٻئي جي توانائي جي ٺڪاڻن تي حملو ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن روس جي …
آمريڪا پاران جنگ بندي جي اعلان بعد روس يوڪرين جي توانائي جي 6 ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي چڪو آهي: ولادي مير زيلنسڪي

مزید خبریں
ڪيف-13 آڪتوبر (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي دعويٰ ڪئي آهي ته روس يوڪرين جي توانائي جي 6 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب زيلنسڪي جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن بعد سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو هيو ته روس ۽ يوڪرين هڪ ٻئي جي توانائي جي ٺڪاڻن تي حملو ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن روس جي حملي ۾ بجلي فراهمي جو نظام تباهه ٿيڻ بعد ايز يوم شهر کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي جڏهن ته اولهه يوڪرين ۾ توانائي ۽ ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي به سڄي رات نشانو بڻايو ويو. ولاديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ توانائي جي ٺڪاڻن تي ٿيل حملن ۾ 33 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.











