ماسڪو-13 آڪٽوبر (اي پي پي)روس جي صدر جي سيڙپڪاري ۽اقتصادي تعاون بابت خصوصي نمائندي ڪيرل دمتريف الزام هنيو آهي ته برطانيا ۽ يورپي يونين يوڪرين ۾ امن ڪوششن ۽ روس آمريڪا وچ ۾ تعاون کي خراب ڪرڻ لاءِ ميڊيا ذريعن کي استعمال ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فنڊ جي سربراهه ڪيرل دمتريف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته برطانيا ميڊيا …
برطانيا ۽ يورپي يونين يوڪرين ۾ امن ڪوششن کي خراب ڪرڻ لاءِ ميڊيا مهم جو استعمال ڪري رهيا آهن: روس

مزید خبریں
ماسڪو-13 آڪٽوبر (اي پي پي)روس جي صدر جي سيڙپڪاري ۽اقتصادي تعاون بابت خصوصي نمائندي ڪيرل دمتريف الزام هنيو آهي ته برطانيا ۽ يورپي يونين يوڪرين ۾ امن ڪوششن ۽ روس آمريڪا وچ ۾ تعاون کي خراب ڪرڻ لاءِ ميڊيا ذريعن کي استعمال ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فنڊ جي سربراهه ڪيرل دمتريف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته برطانيا ميڊيا تي پنهنجي غير معمولي اثر رسوخ کي يوڪرين ۾ امن جي هر ڪوشش ۽ آمريڪا روس وچ ۾ تعاون کي ناڪام بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي جڏهن ته يورپي يونين به ان روش تي گامزن آهي. هن برطانوي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هو يوڪرين ۾ جنگ کي ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻ جو خواهش مند آهي ته جيئن برطانيا جي طرز زندگي کي پهتل نقصان تان ڌيان هٽائي سگهجي.











