صوبي ۾ دهشتگردي جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ دهشتگردي جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، صوبي جي معاملن کي بهترين انداز ۾ هلائڻ اسان جي ذميواري آهي، خيبرپختونخواهه کي محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ …

پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ دهشتگردي جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، صوبي جي معاملن کي بهترين انداز ۾ هلائڻ اسان جي ذميواري آهي، خيبرپختونخواهه کي محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي، سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي پي جي گورنر چيو ته ڪي پي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن،صوبي جا ماڻهو امن، ترقي ۽ خوشحالي چاهين ٿا، اسان کي پنهنجو سمورو ڌيان پنهنجي ڪم تي ڏيڻو پوندو. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙا دارن جي صلاحيتن کي وڌايو ويندو، پوليس ۽ سي ٽي ڊي جون ضرورتون پوريون ڪيون ويون آهن، اسان ڊولپمينٽ تي قرباني ڏئي سگهون ٿا، سيڪيورٽي تي نه، دهشتگردي خلاف اسان جا قدم واضح نظر ايندا.

مزید خبریں