پي ٽي آءِ جي حڪمرانن 13 سالن جي دور ۾ عوامي وسيلن کي تمام گهڻو ضايع ڪيو: وفاقي وزير انجنيئر امير مقام

پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي کانپوءِ مرڪز ۽ خيبرپختونخوا هڪ پيج تي اچي ويا آهن، 13 سال حڪومت ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڃڻ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ ڪٿان به مذمت ، جلسن ۽ جلوسن جو آواز نه آيو، عوام پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ختم ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ۽ جهموريون هنيون. …

پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي کانپوءِ مرڪز ۽ خيبرپختونخوا هڪ پيج تي اچي ويا آهن، 13 سال حڪومت ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڃڻ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ ڪٿان به مذمت ، جلسن ۽ جلوسن جو آواز نه آيو، عوام پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ختم ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ۽ جهموريون هنيون. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن پشاور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، انجنيئر امير مقام چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ايڊوائيزري ڪائونسل ڦرلٽ، ڪرپشن ڪندڙ ۽ دهشتگردن کي تحفظ فراهم ڪندڙن جي احتساب لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪمرانن جي 13 سالن ۾ عوامي وسيلن جو وڏو نقصان ڪيو ۽ سرڪاري خزاني کي هڪ قيدي کي ڇڏرائڻ ۽ سرڪاري وسيلن کي جلسن ۽ جلوسن لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي تحفظ فراهم ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ڪرپشن پي ٽي آءِ جو ڪم رهيو ان ڪري سندن وڃڻ کانپوءِ ماڻهن سڪون جو ساهه کنيو ۽ خوشيون ملهايون ۽ اڄ يوم نجات ملهائي رهيا آهن.

مزید خبریں