وزيراعظم پاران بحيره عرب ۾ پاڪستان نيوي جي جهاز يرموڪ جي منشيات جي خاتمي جي ٻن ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحيره عرب ۾ پاڪستان نيوي جي جهاز يرموڪ جي منشيات جي خاتمي جي ٻن ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحيره عرب ۾ اٽڪل 96 ملين  آمريڪي ڊالر ماليت جي منشيات برآمد ڪرڻ تي وزيراعظم پاران پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحيره عرب ۾ پاڪستان نيوي جي جهاز يرموڪ جي منشيات جي خاتمي جي ٻن ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحيره عرب ۾ اٽڪل 96 ملين  آمريڪي ڊالر ماليت جي منشيات برآمد ڪرڻ تي وزيراعظم پاران پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي جون وقت سر ۽ ڪامياب ڪارروايون سامونڊي حدن ۾ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف موثر قدم آهن. وزيراعظم چيو ته علائقائي سامونڊي سلامتي ۽ سمنڊ جي ذريعي غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام جي لاءِ پاڪ بحريه جو ڪردار فخر جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان هر ممڪن قدم جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي جون ڪامياب ڪارروايون علائقائي سامونڊي سلامتي جي تحفظ ۽ سمنڊ جي ذريعي غيرقانوني واپار جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جون عڪاس آهن.

مزید خبریں