اسلام آباد - 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا نشان امتياز (ملٽري) پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جنرل سيد عامر رضا کي ترقي ۽ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا نشان امتياز (ملٽري) جي ملاقات
اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا نشان امتياز (ملٽري) پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جنرل سيد عامر رضا کي ترقي ۽ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن پاڪستان جي قومي مفادن جي فروغ ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ اداراجاتي سطح تي ويجهي رابطي ۽ گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو.











