پاڪستان ۽ پولينڊ جي گهرو وزيرن وچ ۾ ملاقات، ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان پولينڊ جي ڪائونسل آف منسٽرز جي سربراهه ۽ وزير ٽوماش شيمونياڪ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفي سيڪيورتي تعاون، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ منظم ڏوهن جي روڪٿام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهر معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران اتفاق راءِ ٿيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان پولينڊ جي ڪائونسل آف منسٽرز جي سربراهه ۽ وزير ٽوماش شيمونياڪ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفي سيڪيورتي تعاون، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ منظم ڏوهن جي روڪٿام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهر معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران اتفاق راءِ ٿيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميوچل ليگل اسسٽنس سميت مختلف مفاهمتي يادداشتن کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، مملڪتي وزير طلال چوڌري جي سربراهي ۾ گهرو معاملن واري وزارت جو هڪ اعليٰ سطحي وفد جلد پولينڊ جو دورو ڪندو. محسن نقوي، آگاهه ڪيو ته حڪومتي قدمن سبب پاڪستان کان يورپ طرف غير قانوني اميگريشن ۾ 64 سيڪڙو نمايان گهٽتائي آئي آهي. ٻنهي اڳواڻن غيرقانوني رستن جي روڪٿام لاءِ پاڪستانين لاءِ روزگار ۽ قانوني اميگريشن جا موقعا وڌائڻ ۽ آفيشل پاسپورٽس تي ويزه فري سهولت تي غور ڪيو. پولينڊ جي وزير، خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جي ڀرپور تائيد ڪئي، جڏهن ته محسن نقوي يورپي يونين جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ پولينڊ جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.