آءِ ٽي بي برلن 2027 ع ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 23 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جرمني ۾ ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش آءِ ٽي بي برلن 2027ع ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 23 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش برلن ۾ 16 مارچ کان 18 مارچ تائين  جاري رهندي. جنهن ۾ ٽوئرآپريٽرز، ٽريول ايجنٽس، ايئر لائنز ۽ ان شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جرمني ۾ ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش آءِ ٽي بي برلن 2027ع ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 23 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش برلن ۾ 16 مارچ کان 18 مارچ تائين  جاري رهندي. جنهن ۾ ٽوئرآپريٽرز، ٽريول ايجنٽس، ايئر لائنز ۽ ان شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪري پنهنجا ڪاروباري معاملا طئه ڪري سگهن ٿا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.