منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان رابطو

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان رابطو ڪري وزيراعظم سان جماعت اسلامي جي وفد جي جلد ملاقات جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب پروفيسر احسن اقبال وزيراعظم جو امير جماعت اسلامي جي لاءِ پيغام پهچايو. هن …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان رابطو ڪري وزيراعظم سان جماعت اسلامي جي وفد جي جلد ملاقات جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب پروفيسر احسن اقبال وزيراعظم جو امير جماعت اسلامي جي لاءِ پيغام پهچايو. هن لياقت بلوچ کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي جماعت اسلامي جي امير سان ڳالهه ٻولهه ۾ جنهن ملاقات تي اتفاق ٿيو هو اها گڏيل اتفاق سان جلد ٿيندي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، گڏجي ويهي ان تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم جماعت اسلامي جي امير سان ٽيليفون تي رابطو ڪري احتجاج جي ڪال واپس وٺڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي هن احتجاج جي ڪال ملتوي ڪري ڇڏي هئي.