اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي)عالمي مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.76 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 88.67 ڊالر ۽ برينٽ ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 0.52 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 99.80 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. اسپاٽ گولڊ جي قيمت …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي)عالمي مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.76 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 88.67 ڊالر ۽ برينٽ ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 0.52 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 99.80 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. اسپاٽ گولڊ جي قيمت 9.45 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 4157 ڊالر في اونس ۽ چاندي جي قيمت 0.35 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 60.95 ڊالر في اونس ٿي ويا. مڪئي جي قيمت 0.25 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 497 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جي قيمت 1.25 ڊالر جي گهٽتائي کان پوءِ 691 ڊالر في بشل ٿي وئي. ڪپهه جي قيمت ۾ 0.26 ڊالر ۽ زنده چوپائي مال جي قيمت ۾ 1.50 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.











