روس ۾ اڻڄاتل نوعيت جي نمونيا جي ڪيس تي عوامي صحت جا خطرا گهٽ آهن: صحت وارو عالمي ادارو

جنيوا - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري روس جي آرڪٽڪ ريجن ۾ اڻڄاتل نوعيت جي نمونيا جو هڪ ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ عوامي صحت کي لاڳو خطرن کي گهٽ قرار ڏنو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته اهو ڪيس سائبيريا ۽ اوڀر بعيد جي آرڪٽڪ صحت بابت تحقيقي اداري جي هڪ ملازم ۾ سامهون آيو آهي، هن چيو ته دستياب …

جنيوا – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري روس جي آرڪٽڪ ريجن ۾ اڻڄاتل نوعيت جي نمونيا جو هڪ ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ عوامي صحت کي لاڳو خطرن کي گهٽ قرار ڏنو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته اهو ڪيس سائبيريا ۽ اوڀر بعيد جي آرڪٽڪ صحت بابت تحقيقي اداري جي هڪ ملازم ۾ سامهون آيو آهي، هن چيو ته دستياب غير سرڪاري معلومات جي بنياد تي عام آبادي لاءِ عوامي صحت جو خطرو گهٽ ڏٺو پيو وڃي. مريض جي سمورن رابطن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ بيماري جي علامتن لاءِ ان جي نگراني جاري آهي جڏهن ته اڃا تائين ڪنهن ۾ بيماري جي علامت ظاهر ناهي ٿي.  روس جي صحت ۽ صارفين جي حقن واري نگران اداري زور ڀريو آهي ته آرڪٽڪ ريجن ۾ سٺي صحت ۽ وبائي صورتحال مستحڪم آهي.  اداري موجب مريض سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ احتياطي قدمن ۽ طبي نگراني جو عمل مڪمل ٿيڻ وارو آهي.  روس جي صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف آرڪٽڪ ريجن ۾ ڪوڙهه يا ڪنهن ٻي بيماري بابت قياس آرائين تي چيوٰآهي ته عوام کي افواهن بدران جائزن ۽ معلومات تي اعتماد ڪرڻ گهرجي.