اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي جڏهن ته گئس جي پيداوار ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. انگن اکرن مطابق 30 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسر ڏهاڙي پيداواري 63 هزار 747 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ آهي. ان کان …
ملڪ ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي، گئس جي پيداوار ۾ اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي جڏهن ته گئس جي پيداوار ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. انگن اکرن مطابق 30 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسر ڏهاڙي پيداواري 63 هزار 747 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ آهي. ان کان اڳ واري هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 68 هزار 128 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح 30 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي سراسر روزاني ڏيداوار 2999 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کان اڳ واري هفتي ۾ ملڪ ۾ گئس جي سراسر روزاني پيداوار 2949 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق 30 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي روزاني پيداوار 31 هزار 647 بيرل، پي پي ايل 10 هزار 985 بيرل، ماڙي گيس 1336 بيرل ۽ پي او ايل جي ڪچي تيل جي روزاني پيداوار 3 هزار 506 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته او جي ڊي سي ايل جي گئس جي سراسري روزاني پيداوار 627 ايم ايم سي ايف ڊي، پي او ايل 58 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل 590 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ماڙي گئس جي سراسري روزاني پيداوار 840 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.










