اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪسٽم ۽ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪارن تي اڻڄاتل شرپسندن جي فائرنگ جي واقعن جي شديد مذمت ڪندي 5 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق محسن نقوي شهيد ٿيل اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان …
وفاقي گهرو وزير پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪسٽم ۽ ٽريفڪ پوليس تي فائرنگ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪسٽم ۽ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪارن تي اڻڄاتل شرپسندن جي فائرنگ جي واقعن جي شديد مذمت ڪندي 5 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق محسن نقوي شهيد ٿيل اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. هن چيو ته ان ڏکوئيندڙ واقعي ۾ اسان شهيد اهلڪارن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. محسن نقوي جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي دهشتگردي جي ناسور سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو رهيو آهي جتي فورسز ۽ عوام امن خاطر لازوال قربانيون ڏئي چڪا آهن. هن چٽن لفطن ۾ واضح ڪيو ته بزدلاڻين ڪارروائين ذريعي دهستگردي خلاف رياست ۽ قوم جي پختي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، ملڪ دشمن ڌرين جو مڪمل خاتمي ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين.










