مذهبي معاملن واري وزارت وزارت پاران سرڪاري اسڪيم ۾ حج رهتن جي ٻي قسط وصول

اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت تحت سرڪاري اسڪيم ۾ حج رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جاري آهي، پهرين ڏينهن 14 هزار 605 حج پانڌيئڙن ٻي قسط جي ادائگي مڪمل ڪئي. اڱاري تي مذهبي معاملن واري وزارت مطابق ون لنڪ ذريعي 10 هزار حج پانڌيئڙن  گهر ويٺي ٻي قسط جي ادائگي مڪمل ڪئي ۽ 899 ماڻهن بئنڪ ڪارڊ جڏهن ته 3 هزار  612 ماڻهن مينيول …

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت تحت سرڪاري اسڪيم ۾ حج رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جاري آهي، پهرين ڏينهن 14 هزار 605 حج پانڌيئڙن ٻي قسط جي ادائگي مڪمل ڪئي. اڱاري تي مذهبي معاملن واري وزارت مطابق ون لنڪ ذريعي 10 هزار حج پانڌيئڙن  گهر ويٺي ٻي قسط جي ادائگي مڪمل ڪئي ۽ 899 ماڻهن بئنڪ ڪارڊ جڏهن ته 3 هزار  612 ماڻهن مينيول بئنڪ چالان کي ترجيح ڏني آهي. ڊجيٽل حج پورٽل ذريعي گهر ويٺي آن لائين ادائگي جي شرح 75 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. حج رهتن جي ٻي قسط جي مد ۾ 9.3 ارب روپيا موصول ٿيا آهن. سرڪاري اسڪيم ۾ حج بقايائن جي ٻي قسط جي ادائگي جي حتمي تاريخ 20 آڪٽوبر مقرر آهي. ٻي قسط جي ادائگي کان اڳ حج پورٽل تي ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ اپلوڊ ڪرڻ لازمي آهي.