اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مشنز جي انتظام جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان تيار ڪندڙ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي ڪم کي بهتر بڻائڻ جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مشنز جي انتظام جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان تيار ڪندڙ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي ڪم کي بهتر بڻائڻ جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ قونصلر سروسز کي مضبوط بڻائڻ، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر مدد فراهم ڪرڻ ۽ حڪومت جي ملڪيت واري چانسري ۽ رهائشي عمارتن جي باقاعده مرمت ۽ سارسنڀال شامل آهي. نائب وزيراعظم سرڪاري فنڊز جي معيار ۽ قدر کي يقيني بڻائيندي سروس ڊليوري کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري مملڪتي وزير محمد طلال چوڌري، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه ۽ ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.











