دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

اسلام آباد- 01 آڪٽوبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ۽ ڪامياب ڪارروائي جي شاندار لفظن ۾ واکاڻ ڪندي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ريلوي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير حنيف عباسي آپريشن غضب الحق جي تسلسل ۾ دهشتگردن جي خاتمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ …

اسلام آباد- 01 آڪٽوبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ۽ ڪامياب ڪارروائي جي شاندار لفظن ۾ واکاڻ ڪندي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ريلوي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير حنيف عباسي آپريشن غضب الحق جي تسلسل ۾ دهشتگردن جي خاتمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ جاندار عزم عيوض ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. حنيف عباسي واضح ڪيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان جي امن، خودمختياري ۽ سلامتي خلاف سازشون ڪندڙن کي هر محاذ تي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي.

مزید خبریں