اسلام آباد - 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب پاڪستان جي موقف جو هڪ جامع، پراعتماد ۽ ذميواراڻي ترجماني آهي. وزيراعظم صرف پاڪستان ئي نه پر پوري مسلم امت جي نمائندگي ڪئي. وزيراعظم جو خطاب پاڪستاني قوم، عالم اسلام، فلسطيني عوام ۽ حرمين شريفين …
وزيراعظم جو جنرل اسيمبلي کي خطاب پاڪستاني قوم، عالم اسلام ۽ فلسطيني عوام جي جذبن جي ترجماني آهي: امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب پاڪستان جي موقف جو هڪ جامع، پراعتماد ۽ ذميواراڻي ترجماني آهي. وزيراعظم صرف پاڪستان ئي نه پر پوري مسلم امت جي نمائندگي ڪئي. وزيراعظم جو خطاب پاڪستاني قوم، عالم اسلام، فلسطيني عوام ۽ حرمين شريفين سان گهري عقيدت رکندڙ ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو. جاري ڪيل بيان ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته وزيراعظم صرف پاڪستان جو ئي نه پر پوري مسلم امت جو اڳواڻ آهي. انجنيئر امير مقام چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جو ڪيس موثر انداز ۾ پيش ڪيو. وزيراعظم عالمي برادري کي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري هڪ جي ياد ڏياري. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کان سواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. گڏيل قومون ڪشمير مسئلي جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. انجنئير امير مقام چيو ته وزيراعظم واضح طور امن، ڳالهين، سفارتڪاري ۽ عالمي قانون جي پاسداري کي تڪرارن جي حل جو بنياد قرار ڏنو. انجنيئر امير مقام چيو ته وزيراعظم سعودي عرب سان پاڪستان جي ڀائراڻي وابستگي، حرمين شريفين جي تقدس ۽ خطي ۾ اجتماعي امن ۽ سلامتي جي عزم کي واضح انداز ۾ بيان ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري آڏو پاڪستان جو هي متوازن ۽ پراعتماد موقف اسان جي پرڏيهي پاليسي جي بنيادي اصولن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو.











