اين اي 168 بهاولپور جي ضمني چونڊ لاءِ اليڪشن مانيٽرنگ اينڊ ڪنٽرول روم قائم

اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اين اي 168 بهاولپور پنجاب ۾ (اڄ) آچر تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ عوام جي سهولت لاءِ اليڪشن مانيٽرنگ اينڊ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ان سينٽر ذريعي عوام کي چونڊن جي حوالي سان رابطو ڪرڻ ۽ ان مقصد لاءِ پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ ۾ سهولت ٿيندي، جڏهن ته شڪايتن جي وقت سر ازالي …

اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اين اي 168 بهاولپور پنجاب ۾ (اڄ) آچر تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ عوام جي سهولت لاءِ اليڪشن مانيٽرنگ اينڊ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ان سينٽر ذريعي عوام کي چونڊن جي حوالي سان رابطو ڪرڻ ۽ ان مقصد لاءِ پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ ۾ سهولت ٿيندي، جڏهن ته شڪايتن جي وقت سر ازالي لاءِ پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان مقصد لاءِ سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪيل عملو مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عوام جي شڪايت داخل ڪرڻ ۽ ان کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ چئن سطحن تي ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيا آهن، جن ۾ اسلام آباد سميت، صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. ڪميشن عوام جي سهولت لاءِ سيل ۾ هڪ خاص هيلپ لائن جي سهولت پڻ ڏني آهي جنهن تي 051111327000 نمبر تي رابطو ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪنٽرول سينٽر ۾ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي سهولت پڻ موجود آهي ۽ فيڪس نمبر 051924404 تي پڻ پنهنجي شڪايت موڪلي سگهجي ٿي، چونڊن جي سلسلي ۾ پنهنجي شڪايت اي ميل [email protected] تي پڻ ڪري سگهجي ٿي.

مزید خبریں