رياض ۾ ٽوئرائز سال 2027ع فورم جي ٻئي ايديشن جي شروعات ايندڙ سال 23 مارچ کان ٿيندي

رياض-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سرپرستي هيٺ ٽوئرائز سال 2027ع فورم جي ٻئين ايڊيشن جي شروعات رياض ۾ ايندڙ سال 23 مارچ کان ٿيندي جيڪا 25 مارچ تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي سياحت واري وزير ۽ ٽوئرائز فورم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين احمد بن عقيل الخطيب گذريل ڏينهن فورم جي ٻئين ايڊيشن جو اعلان ڪيو. فورم ۾ سڄي دنيا مان سياحت، ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ ٽرانسپورٽ …

رياض-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سرپرستي هيٺ ٽوئرائز سال 2027ع فورم جي ٻئين ايڊيشن جي شروعات رياض ۾ ايندڙ سال 23 مارچ کان ٿيندي جيڪا 25 مارچ تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي سياحت واري وزير ۽ ٽوئرائز فورم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين احمد بن عقيل الخطيب گذريل ڏينهن فورم جي ٻئين ايڊيشن جو اعلان ڪيو. فورم ۾ سڄي دنيا مان سياحت، ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتون شرڪت ڪنديون. شرڪت ڪندڙن جو مختلف شعبن ۾ درپيش اهم چئلينجن ۽ موجود موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اهو فورم عالمي سياحت جي حوالي سان ايندڙ مرحلي جي منصوبه بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو . ٽوئرائز فورم کي سيڙپڪاري جي حوالي سان نمايان عالمي پليٽ فارم به قرار ڏنو پيو وڃي. فورم جي پهرين ايڊيشن ۾ گذريل سال 113 ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪيو ويو جنهن ۾ سياحتي علائقا، هوٽلز، ريٽيل ۽ مصنوعي ذهانت سميت مختلف شعبه شامل هيا.