پوک جي جديد طريقن ذريعي معياري پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار پاڪستان جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين کان پاڪ ۽ معياري پٽاٽي جي ٻج جي مقامي پيداوار وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوک جي جديد طريقن ذريعي معياري پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار پاڪستان جي غذائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن …

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين کان پاڪ ۽ معياري پٽاٽي جي ٻج جي مقامي پيداوار وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوک جي جديد طريقن ذريعي معياري پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار پاڪستان جي غذائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن قومي زرعي تحقيق مرڪز اسلام آباد ۾ پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار جي پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مهانگي امپورٽ ٿيل پٽاٽي جي ٻج تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ لاءِ مقامي پيداوار کي هٿي ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ساليانو هڪ لک 60 هزار ٽن تصديق ٿيل پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مقامي طور تي تيار ٿيندڙ تصديق ٿيل پٽاٽي جو ٻج ملڪ جي مجموعي ضرورت جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽيون حصو پورو ڪندو. بيمارين کان پاڪ معياري ٻج جي دستيابي سان پٽاٽي جي پيداوار ۾ اضافو ۽ هارين جي آمدني ۾ بهتري ايندي. راڻا تنوير حسين چيو ته جديد زرعي طريقن کي تحقيقي مرڪزن کان هارين ۽ نجي شعبي ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان پٽاٽي جي معياري ٻج جي پيداوار ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، ڏکڻ ڪوريا طرفان زرعي تحقيق ۽ جديد طريقن ۾ تعاون ساراهه جوڳو آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا پٽاٽي کانسواءِ چوپائي مال جي بهتري، چاري جي پيداوار ۽ ڳوٺاڻي ٻج جي ڪاروبار ۾ پڻ تعاون ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا سمارٽ زراعت، باغباني ۽ زرعي مشينري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائيندا. هن چيو ته جديد ٻج جي نظام ۽ نسل جي واڌاري جي شعبن ۾ تعاون پاڪستان جي زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قومي زرعي تحقيق مرڪز ۾ جاري جديد زرعي منصوبا پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ تعاون جو نئون مرحلو آهن. هن چيو ته بيمارين کان پاڪ ۽ معياري ٻج جي مقامي پيداوار غذائي تحفظ بهتر بڻائڻ ۽ امپورٽ جي خرچن کي گهٽائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.

مزید خبریں