آمريڪا پاران پنهنجي شهرين کي سعودي عرب جي سفر جي منصوبن تي نظر ثاني ڪرڻ جي هدايت

واشنگٽن -16 سيپٽمبر(اي پي پي) آمريڪا سيڪيورٽي خطرن ۾ اضافي سبب پنهنجن شهرين کي سعودي عرب جي سفر جي پنهنجي منصوبن تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جاري سفري هدايت ۾ ايران پاران آمريڪي مفادن کي ڊرون ۽ ميزائل حملن جو نشانو بڻائڻ جي خطري، هٿياربند تڪرار، ملڪ مان ٻاهر وڃڻ تي پابندي ۽ سوشل ميڊيا سرگرمين بابت مقامي قانون کان خبردار ڪيو ويو آهي. سفري هدايت ۾ چيو ويو آهي ته 28 …

واشنگٽن -16 سيپٽمبر(اي پي پي) آمريڪا سيڪيورٽي خطرن ۾ اضافي سبب پنهنجن شهرين کي سعودي عرب جي سفر جي پنهنجي منصوبن تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جاري سفري هدايت ۾ ايران پاران آمريڪي مفادن کي ڊرون ۽ ميزائل حملن جو نشانو بڻائڻ جي خطري، هٿياربند تڪرار، ملڪ مان ٻاهر وڃڻ تي پابندي ۽ سوشل ميڊيا سرگرمين بابت مقامي قانون کان خبردار ڪيو ويو آهي. سفري هدايت ۾ چيو ويو آهي ته 28 فيبروري 2026ع ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ بعد کان وٺي ايران پاران ڊرون ۽ ميزائل حملن جو خطرو برقرار آهي. اها سفري هدايت اهڙي وقت جاري ڪئي وئي آهي جڏهن سعودي عرب حوثي حملن جي الزامن کان پوءِ مڪه مڪرمه ۽ ٻين علائقن م الرٽ جاري ڪيا آهن . پرڏيهي وزير چيو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ فوجي اڏن ويجهو رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ آمريڪي شهرين کي يمن جي سرحد ويجهو وڌيڪ خطرو آهي. يمن جي سرحد ويجهو علائقن ۾ جان ليوا خطرن سبب ليول 4 سفر نه ڪن.