بيجنگ -16 سيپٽمبر (اي پي پي ) چين آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته خلا ۾ جنگ جي تياري بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪي خلائي فورس پاران پهريون ڀيرو مدار ۾ هٿيارن جي تنصيب جي تصديق بابت بيان کان پوءِ گذريل ڏينهن نيوز بريفنگ دوران چئي. چين خلا کي هٿيارن سان ليس ڪرڻ، ان کي ميدان جنگ بنائڻ ۽ اتي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪرڻ جي قدمن جي مخالفت ڪندي …
آمريڪا خلا ۾ جنگ جي تياري بند ڪري: چين

مزید خبریں
بيجنگ -16 سيپٽمبر (اي پي پي ) چين آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته خلا ۾ جنگ جي تياري بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪي خلائي فورس پاران پهريون ڀيرو مدار ۾ هٿيارن جي تنصيب جي تصديق بابت بيان کان پوءِ گذريل ڏينهن نيوز بريفنگ دوران چئي. چين خلا کي هٿيارن سان ليس ڪرڻ، ان کي ميدان جنگ بنائڻ ۽ اتي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪرڻ جي قدمن جي مخالفت ڪندي چيو ته آمريڪا تي زور ڀريون ٿان ته هو پنهنجي عسڪري صلاحيتن ۾ اضافي ۽ بيروني خلا ۾ جنگ جي تياري بند ڪري. واضح رهي ته آمريڪي خلائي فورس گذريل ڏينهن چيو هو ته هنن مدار ۾ مخالفن پاران جارحاڻين ڪاررواين خلاف دفاع جي صلاحيتن جا هٿيار نصب ڪيا آهن جڏهن ته ان حوالي سان تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا. آمريڪي خلائي فورس پنهنجي اعلان ۾ خاص طور تي چين کي خطرو قرار ڏيندي چيو هيو ته بيجنگ پنهنجي عسڪري جديد ڪاري جي حڪمت عملي تحت خلائي ۽ فوجي خلائي ڪاررواين جي صلاحيتن جي تياري ۽ استعمال ڪري رهيو آهي. آمريڪي خلائي فورس ان حوالي سان روس جو به ذڪر ڪيو آهي. آمريڪي فورس موجب روس کي يقين آهي ته مستقبل جي تڪرارن ۾ خلائي بالادستي فيصلي جوڳي ثابت ٿيندي.











