وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سنگاپور جي وزيراعظم لارنس وونگ جا هڪ ٻئي کي مبارڪباد وارا خط، ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سنگاپور سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60هين سالگرهه جي  موقعي تي واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل معيشت ۽ ماحولياتي قدمن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سنگاپور جي وزيراعظم لارنس وونگ هڪ ٻئي کي مبارڪباد وارا خط موڪليا آهن جڏهن ته نائب وزيراعظم …

اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سنگاپور سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60هين سالگرهه جي  موقعي تي واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل معيشت ۽ ماحولياتي قدمن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سنگاپور جي وزيراعظم لارنس وونگ هڪ ٻئي کي مبارڪباد وارا خط موڪليا آهن جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن جي وچ ۾ پڻ مبارڪباد جي پيغامن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام پاران دلي مبارڪباد پيش ڪئي. پاڪستان ۽ سنگاپور جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا باضابطا طور تي 17 آگسٽ 1966ع تي قائم ٿيا هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خط ۾ چيو ته گذريل 6 ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ سنگاپور جي وچ ۾ دوستي گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ دولت مشترڪه جي روح تي ٻڌل رهي آهي ۽ وقت سان گڏ مستحڪم ٿي آهي. ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، ثقامت ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن تائين پکڙيل آهن. هن ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان ٻطرفي سطح سان گڏوگڏ آسيان، دولت مشترڪه ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم سنگاپور جي هم منصب جي لاءِ صحت، خوشي ۽ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته سنگاپور جي دوست عوام جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي. وزيراعظم لارنس وونگ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ٻئي ملڪ گذريل 6 ڏهاڪن کان گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل گرمجوش ۽ دوستاڻي لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان انهن شروع وارن ملڪن ۾ شامل آهي جن 1965ع ۾ سنگاپور جي آزادي کانپوءِ ان کي تسليم ڪيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته واپار ۾ سهولتڪاري، ڊيجيٽل معيشت، عوامي رابطن ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گنجائش موجود آهي. سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هي اهم سنگ ميل پاڪستان ۽ سنگاپور جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ نئين توانائي پيدا ڪرڻ جو وقت سر موقعو فراهم ڪري ٿو. هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سنگاپور سان ويجهي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي ڊيجيٽل معيشت، موسمياتي قدمن، فن ٽيڪ ۽ جدت جهڙن تيزي سان ترقي ڪندڙ شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن کي اعلى سطحي رابطن جي تسلسل جي لاءِ اسلام آباد جو باضابطا دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. هن اعتماد ظاهر ڪيو ته سفارتي لاڳاپن جي 60هين سالگرهه جون تقريبون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عملي ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون جي هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿينديون. سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن عوامي سطح تي مضبوط رابطن، صلاحيت ۾ اضافي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ جاري تعاون کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي بدلجندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مفاد جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي.

مزید خبریں