نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار زور ڀريو ته مستقل امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جڏهن ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ان جي روح ۽ لفظن موجب عملدرآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.

مزید خبریں