پاڪستان حڪومت ۽ گوگل جي وچ ۾ مفاهمتي جي يادداشت تي صحيحون، گوگل پاران شاگردن کي جيمينائي اي آءِ پلس ۽ 2026ع ۾ 150000 ڪيريئر سرٽيفڪيٽس ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ گوگل جي وچ ۾ ملڪ ۾ ڊيجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ، ڊيجيٽل مهارتن کي فروغ ڏيڻ ۽ اهم شعبن ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿيون. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان تعاون جو مقصد پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ گوگل جي وچ ۾ ملڪ ۾ ڊيجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ، ڊيجيٽل مهارتن کي فروغ ڏيڻ ۽ اهم شعبن ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿيون. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان تعاون جو مقصد پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۽ مجموعي ڊيجيٽل معيشت کي 2030ع تائين 30 ارب ڊالر تائين پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گوگل جي اعلى قيادت جي وفد جي اعزاز ۾ خصوصي آجياڻو ڏنو ۽ ايم او يو تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ٽي ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، گوگل جي حڪومتي معاملن ۽ پبلڪ پاليسي بابت نائب صدر ولسن وائٽ، آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر ۽ ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گوگل جي حصيداري جي حوالي سان اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي، جديد ذريعن، ٽيڪنالاجي ۽ نئين مهارت جي ذريعي نوجوانن کي بااختيار بڻايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان هن وقت گورننس سميت مختلف شعبن ۾ وڏي ڊيجيٽل تبديلي مان گذري رهيو آهي، اسان جي نوجوان آباديءَ ملڪ جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته گذريل ٻن سالن دوران حڪومت پاڪستان جي ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت رکندڙ ماڻهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ جي تقريب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ڊيجيٽل تبديلي جي ايجنڊا تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو ثبوت آهي. گوگل جي پاڪستان، فلپائن ۽ ٿائلينڊ جي ڪلسٽر ڊائريڪٽر فرحان قريشي چيو ته پاڪستان سان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گوگل جي لاءِ اعزاز جوڳو آهي، اهو تعاون پاڪستان جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ نوجوان نسل کي جديد مهارتون فراهم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته گوگل پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جي ڊيجيٽل معيشت جي هدف طرف وڌڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سيڪريٽري ضرار هاشم خان ۽ گوگل جي سائوٿ ايسٽ ايشيا ۽ سائوٿ ايشيا پبلڪ پاليسي جي سربراهه ڊيوڊ ويلر ايم او يو تي صحيحون ڪيون. ايم او يو تحت گوگل 2026ع ۾ پاڪستاني نوجوانن کي 150000 گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس فراهم ڪندو. انهن سرٽيفڪيٽس جي ذريعي نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب وڌيڪ طلب واريون فني مهارتون حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. گوگل پاڪستان ۾ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس پروگرام کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي امڪانن جو پڻ جائزو وٺندو ته جيئن تيزي سان ترقي ڪندڙ شعبن ۾ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهجن. گوگل سڄي پاڪستان جي شاگردن کي جديد اي آءِ ٽولز فراهم ڪرڻ جي امڪانن جو پڻ جائزو وٺندو جن ۾ گوگل اي آءِ پلس ۽ جيمينائي نوٽ بڪ تائين هڪ سال جي مفت پهچ پڻ شامل آهي. ان سهولت جو مقصد شاگردن کي تعليم ۽ تحقيق ۾ مدد ڏيڻ، انهن جي چٽاڀيٽي صلاحيت وڌائڻ ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ انهن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ آهي. بيان موجب ٻنهي ڌرين اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اي آءِ سينٽر آف ايڪسي لينس قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان مرڪز ۾ پاڪستاني نوجوانن ۽ انساني وسيلن کي عالمي ٽيڪنالاجي مارڪيٽ جي معيار موجب تربيت ڏني ويندي. وزيراعظم جي ايف بي آر جي سڌارن جي منصوبي تحت گوگل، ايف بي آر کي اي آءِ جي استعمال جي ذريعي عوامي خدمتن کي جديد بڻائڻ، حڪومتي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽل تبديلي تيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. ان کانسواءِ زراعت جي شعبي ۾ به اي آءِ جو استعمال ڪيو ويندو جنهن سان فصل جي نگراني، پيداوار جو اندازو لڳائڻ ۽ پائيدار زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ڊيجيٽل پليٽ فارمز ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي عالمي منڊين تائين پنهنجي پهچ وڌائڻ ۾ پڻ مدد فراهم ڪندا. ايم او يو تحت گوگل ۽ پاڪستان مقامي ايپ ڊيولپرز ۽ گيمنگ اسٽوڊيوز جي معاونت جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ٻئي ڌريون ڊيجيٽل پيمنٽس ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڊيجيٽل ٽريڊ کي فروغ ڏيڻ جي طريقن جو پڻ جائزو وٺنديون. حڪومت، گوگل ۽ اهم صنعتي ادارن جي نمائندن تي ٻڌل هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس پڻ قائم ڪئي ويندي. اها ٽاسڪ فورس آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ موقعن جي نشاندهي ڪندي. ٽاسڪ فورس هارڊ ويئر مينوفيڪچرنگ ۽ آءِ ٽي سروسز جي لاءِ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ، عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۽ انساني وسيلن جي اپ اسڪلنگ سميت ٻين معاملن تي ڪم ڪندي.

مزید خبریں