راولپنڊي-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته حق جي ويڙهه کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڀارت زميني حقيقتون تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي، نام نهاد آپريشن سندور تي بڻايل ڀارتي ڊاڪيومينٽري حقيقتن بدران ڊرامائي جوڙجڪ، جذباتي بيانيي ۽ بالي ووڊ جي منظرڪشيءَ تي ٻَڌل آهي، آئينده ڪنهن به ڀارتي فوجي مهم جو مضبوط، فيصلائتو ۽ …
نام نهاد آپريشن سندور تي بڻايل ڀارتي ڊاڪيومينٽري حقيقتن بدران ڊرامائي جوڙجڪ، جذباتي بيانيي ۽ بالي ووڊ جي منظرڪشيءَ تي ٻَڌل آهي: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته حق جي ويڙهه کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڀارت زميني حقيقتون تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي، نام نهاد آپريشن سندور تي بڻايل ڀارتي ڊاڪيومينٽري حقيقتن بدران ڊرامائي جوڙجڪ، جذباتي بيانيي ۽ بالي ووڊ جي منظرڪشيءَ تي ٻَڌل آهي، آئينده ڪنهن به ڀارتي فوجي مهم جو مضبوط، فيصلائتو ۽ غير متناسب جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب نام نهاد آپريشن سندور تي بڻايل ڀارتي ڊاڪيومينٽري حقيقتن بدران ڊرامائي جوڙجڪ، جذباتي بيانيي ۽ بالي ووڊ جي منظرڪشيءَ تي ٻَڌل آهي، چونڊ انٽرويوز ۽ سئنيماٽڪ ري ڪنسٽرڪشن ذريعي آپريشنل حقيقتن ۽ نتيجن کي پنهنجي مرضيءَ موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊاڪيومينٽري ۾ موجود بنيادي تڪرار پاڻ ڀارتي بيانيي جي ڪمزوريءَ کي بي نقاب ڪري ٿو، ڀارتي ڊاڪيومينٽري 16 اپريل 2025ع جي آرمي چيف جي خطاب کي 22 اپريل جي پهلگام واقعي سان جوڙڻ بي بنياد سازشي بيانيو گهَڙڻ جي ڪوشش ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نام نهاد آپريشن سندور جي 82 ڏينهن کانپوءِ ڀارت جي دعويٰ آهي ته پهلگام جا 3 مبينه ذميدار 28 جولاءِ 2025ع تي ماريا ويا، جيڪڏهن مبينا ذميدار 28 جولاءِ تي ماريا ويا ته ڀارت واضح ڪري ته 7 مئي 2025ع تي ڪنهن کي سزا ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي؟ نام نهاد 100 سيڪڙو مشن ڪاميابيءَ جي ڀارتي دعويٰ به آپريشنل رڪارڊ سان هڪجهڙائي نٿي رکي. بيان موجب حق جي ويڙهه دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارتي اڳرائي ناڪام بڻائيندي 8 ڀارتي فوجي جهاز ڪيرايا، آپريشن بنيان مرصوص ۾ فتح تي يسيزن گائيڊ ڊراڪٽس ۽ ميزائل، پاڪ فضائيه جي پريسيزن هٿيار، لانگ رينج لوئٽرنگ امينونيشنز ۽ پريسيزن آرٽلري استعمال ڪيون ويون، پاڪستان ڀارتي اڳرائيءَ جي جواب ۾ 26 فوجي هدفن کي نشانو بڻايو جن ۾ پاڪستاني شهرين کي نشانو بنائڻ ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پُٺڀرائي سان ڳنڍيل ٺڪاڻا پڻ شامل هئا، ڀارتي فوجي قيادت پاڻ پاڪستاني ميزائل، ڊرون ۽ فضائي سرگرمين سميت لائن آف ڪنٽرول تي مسلسل چڪرين ۽ ڀارتي فضائي دفاعي نظام جي فعاليت جو اعتراف ڪري ٿي، ڀارتي قيادت جا پنهنجا اعتراف پاڪستان جي مبينه فيصلائتي شڪست جي ڀارتي دعويٰ سان هڪجهڙائي نٿا رکن. بيان موجب ڊاڪيومينٽري پاڻ تسليم ڪري ٿي ته جنگي ڪارروايون ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز جي رابطن ۽ گڏيل اتفاق سان بند ٿيون، آمريڪي سهولتڪاري سان ٿيل جنگبنديءَ کي هڪ طرفي ڀارتي فوجي فتح قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڀارت تاريخ کي ڊي ڪلاسيفاءِ نه پر پنهنجي مرضيءَ موجب جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪا سئنيماٽڪ منظرڪشي واقعن جي ترتيب، جهازن جي نقصانن، فوجي جاني نقصان ۽ حقيقي عسڪري ڪاررواين کي تبديل نٿي ڪري سگهي. آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان کي حق جي ويڙهه جي چوڌاري مصنوعي بيانيو بنائڻ جي ضرورت ناهي، آپريشنل رڪارڊ، جنگ جي ميدان جي شاهدن، سفارتي رابطن ۽ ڀارت جا پنهنجا بيان حقيقتون واضح ڪن ٿا، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پُرعزم آهي جڏهن ته ملڪ جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي مفادن جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج تيار ۽ باصلاحيت آهي، آئينده ڪنهن به ڀارتي فوجي مهم جو مضبوط، فيصلائتو ۽ غير متناسب جواب ڏنو ويندو.












