وزيراعظم پاران مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت جي ساراهه

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه ۽ سعودي عرب سان گڏجي پوري خطي جي دفاع ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. سومر ڏينهن “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو صدر ڊونلڊ ٽرمپ …

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه ۽ سعودي عرب سان گڏجي پوري خطي جي دفاع ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. سومر ڏينهن “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي حوالي سان حمايت ۽ حوصلا افزائي تي ٿورا ادا ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ڀائر ملڪ سعودي عرب ۽ جمهوريه ترڪيه سان گڏجي پاڪستان پوري خطي جي دفاع ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر صدر ٽرمپ جي جرئتمنداڻي ۽ فيصلائتي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جنهن ڏکڻ ايشيا ۾ ائٽمي تباهي کي ٽارڻ ۽ لکين انساني جانين کي بچائڻ ۾ مدد ڏني، پائيدار امن ئي اسان جي قومن جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ سڀ اهم بنيادي شرط آهي. واضح رهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري بيان ۾ چيو هو ته کيس تمام گهڻي خوشي آهي ته سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان “مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي” تي صحيحون ڪيون آهن. هن ان کي تمام وڏو، جرئتمنداڻو ۽ پهريون اهم قدم قرار ڏيندي چيو هو ته ان معاهدي سان واضح ٿي رهيو آهي ته وچ اوڀر جا ملڪ ڪهڙي طرح هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهن ۽ ڪهڙي طرح اهي پنهنجو دفاع وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪرڻ جي قابل ٿيندا. صدر ٽرمپ ان معاهدي تي ترڪيه، سعودي عرب ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪباد ڏني هئي.