لاڙڪاڻو- 17 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس جون سماجي برائين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو الله آباد سب انسپيڪٽر اختر علي بلوچ ۽ سندس ٽيم طرفان ابوبڪر مقام واري علائقي ۾ جوئا جي اڏي تي ڪامياب ڇاپو هنيو ويو، پوليس جي ڪارروائي دوران 9 جواري گرفتار ڪيا ويا. گرفتار جوارين جي …
لاڙڪاڻو پوليس جون سماجي برائين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائيون جاري. 9 جواري گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 17 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس جون سماجي برائين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو الله آباد سب انسپيڪٽر اختر علي بلوچ ۽ سندس ٽيم طرفان ابوبڪر مقام واري علائقي ۾ جوئا جي اڏي تي ڪامياب ڇاپو هنيو ويو، پوليس جي ڪارروائي دوران 9 جواري گرفتار ڪيا ويا. گرفتار جوارين جي سڃاڻپ منصور، نعيم، عمران، زبير، ثناءُ الله، عامر، گدا، سجاد ۽ سڌير عرف فقير طور ٿي آهي. پوليس گرفتار جوارين کان نقد رقم ۽ تاش جا پتا هٿ ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. گرفتار جوابدارن خلاف وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي واري ڪارروائي جاري آهي.









