محمد جنيد انوار چوڌري پاران پورٽ قاسم ۾ 400 ايڪڙن تي ٻَڌل اپيرل زون قائم ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم ۾ 400 ايڪڙن تي ٻَڌل اپيرل زون (گارمينٽس جي صنعت جو مرڪز) قائم ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي. ان منصوبي جي پهرين مرحلي سان هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ ۽ تقريبن 2.2 ارب ڊالرن جي سالياني روانگي واپار جو امڪان آهي. گامينٽ سٽي جي …

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم ۾ 400 ايڪڙن تي ٻَڌل اپيرل زون (گارمينٽس جي صنعت جو مرڪز) قائم ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي. ان منصوبي جي پهرين مرحلي سان هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ ۽ تقريبن 2.2 ارب ڊالرن جي سالياني روانگي واپار جو امڪان آهي. گامينٽ سٽي جي تجويز ڪيل منصوبي بابت سومر تي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته روانگي واپار تي ٻَڌل هي صنعت ڪلسٽر اعليٰ معيار جي ڪپڙن جي تياريءَ تي توجهه ڏيندو ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪندو. منصوبي جي خاڪي موجب پهرئين مرحلي جي ايراضي 250 ايڪڙن تي ٻَڌل هوندي جنهن مان 35 سيڪڙو حصو اندرين رستن، يوٽيلٽيز (بنيادي سهولتون) ۽ سرسبز علائقن لاءِ رکيو ويندو. ان منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (عوامي ۽ نجي حصيداري) تحت جوڙيو پيو وڃي. ڄاڻايل تجويز ڪيل واپاري ڍانچي ۾ 5 ايڪڙ ايراضيءَ جا 32 صنعتي پلاٽ شامل آهن جڏهن ته وڌيڪ سيڙپڪارن ۽ مينيوفيڪچرنگ يونٽس جي گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ پلاٽ جي سائيز گهٽ ڪري 2 يا 3 ايڪڙ به ڪري سگهجي ٿي. پورٽ قاسم اٿارٽي بنيادي ڍانچو ۽ سهولتون فراهم ڪندو. هر صنعتي يونٽ کي روزانو 4 لک گيلن تائين پاڻي، 2 ميگاواٽ آن گرڊ بجلي ۽ 8 پائونڊ في چورس انج (پي ايس آءِ) جي دٻاءُ سان روزانو 23100 پائونڊ صنعتي گيس جي فراهمي ممڪن بڻائي ويندي جيڪو 10 ٽن ٻاڦ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو. پائونڊز في چورس انچ (پي ايس آءِ) دٻاءُ (پريشر) جي ماپ جو هڪ يونٽ آهي. هي ظاهر ڪري ٿو ته ايراضيءَ جي هڪ چورس انچ حصي تي ڪيترائي فورس لڳايا پيا وڃن. 8 پي ايس آءِ جو مطلب آهي ته هر چورس انچ تي 8 پائونڊ طاقت لاڳو ٿي رهيو آهي. مجموعي منصوبي لاءِ يوٽيليٽي صلاحيت ۾ روزانو 13 ملين گيلن پاڻي، 64 ميگاواٽ آن گرڊ بجلي ۽ 7 لک 50 هزار پائونڊ صنعتي گيس جي فراهمي شامل آهي. جنيد انوار چوڌري چيو ته نجي شعبي جي شرڪت ان منصوبي جو بنياد هوندو. منصوبي تحت پاڪستان جي ٽيڪسٽائل ۽ ڊينم ٺاهيندڙ ڪمپني آرٽسٽڪ ملينرز 18 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاريءَ سان هڪ مينيوفيڪچرنگ يونٽ قائم ڪندي جنهن ۾ ورٽيڪل انٽيگريشن ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجيز کي شامل ڪيو ويندو. ان منصوبي ۾ روانگي واپار لاءِ ون ونڊو نظام به متعارف ڪرايو ويندو جنهن ۾ روانگي واپار جي عمل کي آسان بڻائڻ، ڪسٽمز جي خصوصي ڊيسڪ ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ مخصوص ڪوريڊورز جي سهولت پڻ شامل هوندي. اجلاس ۾ پيش ڪيل ڪاٿي موجب پهرئين مرحلي ۾ هڪ لک 38 هزار 125 روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ساليانو روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 2.2 ارب ڊالرن تائين پهچندو. ان منصوبي جو مقصد ڪپڙن جي سراسري روانگي واپار جي ماليت کي تقريبن 8 ڊالر في پيس تائين وڌائڻ به آهي. وفاقي وزير چيو ته اهي قدم پاڪستان جي صنعتي بنياد ۽ روانگي واپار جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جو حصو آهن جنهن تحت تجويز ڪيل اپيرل زون ۾ بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي، يوٽيلٽيز، ڪسٽمز جي سهولتن ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي گڏ ڪيو ويندو.