گهرو وزير جي صدارت اجلاس، هيٺ ماتحت ادارن کان ٻه سالن جو ٽرانسفارميشن پلان طلب

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ماتحت ادارن جو سربراهي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ انهن ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ جديد تقاضائن سان هم آهنگ سڌارا لاڳو ڪرڻ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ادارن جو ٻن سالن جو جامع ٽرانسفارميشن پلان پيش ڪن. اجلاس ۾ …

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ماتحت ادارن جو سربراهي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ انهن ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ جديد تقاضائن سان هم آهنگ سڌارا لاڳو ڪرڻ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ادارن جو ٻن سالن جو جامع ٽرانسفارميشن پلان پيش ڪن. اجلاس ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو وزير محسن نقوي، نادرا چيئرمين، ڊي جي ايف آءِ آي، ڊي جي اي اين ايف، نيشنل ڪوآرڊينٽر نيڪٽا ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي سمورن ادارن کي گڏيل رابطي ۽ ڪوآرڊينيشن وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته گهرو وزارت جو ڪم ٻين وزارتن کان مختلف ۽ غير معمولي نوعيت جو آهي، ان ڪري ماتحت اداري کي مثالي ۽ عوام دوست بڻائڻ اسان جو هدف آهي. هن سمورن ادارن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ادارن جو ٻن سالن جو جامع ٽرانسفارميشن پلان پيش ڪن. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ادارن کي خود مختيار ۽ با اختيار هجڻ گهرجي، کين پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻا پوندا ۽ هر معاملو وزارت کي موڪلڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته جتي ضرورت هجي قانون ۾ ترميم ۽ سڌارن جي تجويز فوري پيش ڪئي وڃي. عوام کي بهترين سهولتن جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪندي محسن نقوي چيو ته سمورن ادارن جا سربراهه ڊيٽا ۽ سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان اثرائتا ۽ جامع قدم يقيني بڻائين. هن ليند پورٽ اٿارٽي سميت نئين قائم ٿيل ادارن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته سمورن ادارن کي گهربل وسيلا مهيا ڪيا ويندا. گهرو وزير واضح ڪيو ته گذريل ۽ هلندڙ سال حج آپريشن دوران منشيات اسمگلنگ جو هڪ به ڪيس رپورٽ نه ٿيڻ اسان جي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جو واضح ثبوت آهي. ان موقعي تي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته وفاقي ادارن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو ڪلچر هو، پر اسان ان سوچ کي تبديل ڪيو آهي. هن زور ڀريندي چيو ته سمورن ادارن کي هاڻي ٽارگيٽ تي ٻڌل، نتيجي جوڳو ۽ ڪارڪردگي تي ٻڌل انداز ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. اجلاس دوران ماتحت ادارن جي سربراهن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته گهرو وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ وزارت جي ادارن ۾ بنيادي ۽ هاڪاري تبديليون آيون آهن. اجلاس ۾ آءِ جي فيڊرل ڪانسٽيبلري، ڊي جي اين سي آءِ اي، ايم ڊي لينڊ پورٽ اٿارٽي، ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس، چيئرمين سوشل ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ۽ فيڊرل پراسيڪيوٽر جنرل به شرڪت ڪئي.

مزید خبریں