نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايس اي پي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام (ايس اي پي) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پروگرام بابت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. سومر ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو …

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام (ايس اي پي) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پروگرام بابت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. سومر ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بنيادي ڍانچي جي ترقي جي منصوبن جي نشاندهي ۾ مقامي آباديءَ کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايس اي پي جا فنڊز عوام جي بهترين مفاد ۾ استعمال ڪري سگهجن. هن منصوبن جي وقت سر تڪميل تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختص فنڊز مان وڌ کان عوامي فائدو حاصل ڪري سگهجي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطا، منصوبابندي ۽ ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مواصلات ۽ پارلياماني معاملن وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا، پاور ۽ هائوسنگ ورڪس جي سيڪريٽرين، جڏهن ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں