اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو، حڪومت ۽ عوام کي انهن جي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد جو پيغام ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب انڊونيشيا جي آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو تاريخي موقعو انڊونيشيا جي عوام جي جذبي، حوصلي، طاقت ۽ عزم …
صدر پاران انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو، حڪومت ۽ عوام کي سندن آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد
اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو، حڪومت ۽ عوام کي انهن جي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد جو پيغام ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب انڊونيشيا جي آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو تاريخي موقعو انڊونيشيا جي عوام جي جذبي، حوصلي، طاقت ۽ عزم سان گڏوگڏ آزادي جي جدوجهد ۾ انهن جي قوم جي باني اڳواڻن جي قيادت جي ياد ڏياري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان انڊونيشيا جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، گڏيل اعتماد، گڏيل عقيدي ۽ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون تي ٻڌل ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، تعليم ۽ عوامي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي مسلسل سگهه ڏني. صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گذريل سال صدر پرابوو سوبيانتو جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين سگهه ملي جنهن سان گڏيل مفاد ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن انڊونيشيا جي عوام جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











