اسحاق ڊار جي دعوت تي ناروي جو پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايدي 13 کان 14 آگسٽ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ناروي جو پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايدي 13 کان 14 آگسٽ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، اهو هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ڪنهن نارويجن پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ ناروي جو پرڏيهي وزير وفدن جي سطح تي ڳالهه …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ناروي جو پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايدي 13 کان 14 آگسٽ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، اهو هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ڪنهن نارويجن پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ ناروي جو پرڏيهي وزير وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندا جن ۾ پاڪستان ۽ ناروي جي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي ڌريون ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. هو اهم علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل اعلى سطحي رابطن جو تسلسل آهي جن ۾ مارچ ۽ اپريل 2026ع ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۽ مئي 2026ع ۾ ناروي جي اسٽيٽ سيڪريٽري آندرياس موٽزفيلڊٽ ڪراوڪ جو اسلام آباد جو دورو شامل آهي. هي دورو پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو.