قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ، اختيارن جي مبينا ناجائز استعمال جي معاملي تي سيڪيورٽي اسسٽنٽ جي معطلي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ، سيڪيورٽي اسسٽنٽ وقاص احمد خلاف اختيارن جي مبينا ناجائز استعمال جي معاملي تي سرڪاري ملازم جي ڪارڪردگي ۽ نظم ۽ ضبط جي قائدي 2020ع جي قاعده (1) 5 تحت معطلي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان مطابق ڄاڻايل سيڪيورٽي اسسٽنٽ کي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هيومن ريسورس مئنيجمنٽ برانچ ۾ فوري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ، سيڪيورٽي اسسٽنٽ وقاص احمد خلاف اختيارن جي مبينا ناجائز استعمال جي معاملي تي سرڪاري ملازم جي ڪارڪردگي ۽ نظم ۽ ضبط جي قائدي 2020ع جي قاعده (1) 5 تحت معطلي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان مطابق ڄاڻايل سيڪيورٽي اسسٽنٽ کي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هيومن ريسورس مئنيجمنٽ برانچ ۾ فوري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نظم ۽ ضبط، شفافيت، احتساب ۽ سرڪاري قاعدن ۽ ضابطن تي سختي سان عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.