ڪراچي- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي قومي اقليتي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي اقليتي برادرين جي ملڪي تعمير ۽ ترقي، خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ گورنر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو 11 آگسٽ جو تاريخي خطاب پاڪستان ۾ مذهبي آزادي، برابري ۽ اقليتي حقن جو روشن بنياد آهي. قائداعظم اهڙي …
سنڌ جي گورنر پاران پاڪستان جي اقليتي برادرين جي ملڪي تعمير ۽ ترقي، خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش
ڪراچي- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي قومي اقليتي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي اقليتي برادرين جي ملڪي تعمير ۽ ترقي، خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ گورنر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو 11 آگسٽ جو تاريخي خطاب پاڪستان ۾ مذهبي آزادي، برابري ۽ اقليتي حقن جو روشن بنياد آهي. قائداعظم اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو هو جتي هر شهري کي مذهبي آزادي، برابري جا حق ۽ عزت ۽ وقار حاصل هجي. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستان جو آئين هر شهري کي بنا ڪنهن فرق جي برابري حق ۽ مذهبي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو چاهي ان جو ڪهڙي به مذهب، رنگ ۽ نسل سان تعلق هجي. اقليتي برادرين جي جان ۽ مال، عبادت گاهن ۽ مذهبي آزادي جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميداري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آباد سڀني اقليتي برادرين جون خدمتون پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهن. گورنر ان عزم جو اظهار ڪيو ته مذهبي هم آهنگي، رواداري، گڏيل احترام ۽ برابري کي هٿي وٺائي هڪ مضبوط، متحد، پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو.












