اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان تي طالبان جي قبضي کانپوءِ پهريون ڀيرو اڳوڻي افغان فوجي جنرل منظر عام تي اچي طالبان رجيم کي چئلينج ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اڳوڻي فوجي ڪمانڊر ۽ افغانستان يونائيٽيڊ فرنٽ جي سربراهه جنرل سميع سادات قنڌار مان فوجي ڪاررواين جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻي ڪمانڊر افغان طالبان رجيم جي رويي کان پريشان افغان عوام کي جلد آزاديءَ جي اُميد ڏياري. صحافي عبدالله …
قابض افغان طالبان رجيم خلاف وڌندڙ مخالفت، هٿياربند گروپن جي مزاحمت ۾ تيزي

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان تي طالبان جي قبضي کانپوءِ پهريون ڀيرو اڳوڻي افغان فوجي جنرل منظر عام تي اچي طالبان رجيم کي چئلينج ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اڳوڻي فوجي ڪمانڊر ۽ افغانستان يونائيٽيڊ فرنٽ جي سربراهه جنرل سميع سادات قنڌار مان فوجي ڪاررواين جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻي ڪمانڊر افغان طالبان رجيم جي رويي کان پريشان افغان عوام کي جلد آزاديءَ جي اُميد ڏياري. صحافي عبدالله جان صابر اڳوڻي افغان جنرل جي بيان تي تجزيو ڪندي چيو ته عوام تي ظلم ۽ عورتن جي تعليم تي پابندين سبب افغان عوام طالبان رجيم کان بيزار ٿي چڪو آهي. افغان طالبان، عوام جي خدمتن جو موقعو ملڻ باوجود عوامي فلاح بدران پنهنجن مفادن جي تحفظ ۾ مصروف آهن. دهشتگردن جي سرپرستي ۽ تڪراري پاليسين سبب افغان طالبان کان پاڙيسري ملڪن جي ناراضگي وڌي رهي آهي. هن چيو ته افغان طالبان خلاف مختلف مزاحمتي گروهن جو امڪاني اتحاد رجيم لاءِ وڏو چئلينج بڻجندو پيو وڃي. ماهرن موجب افغان طالبان خلاف وڌندڙ مزاحمتي سرگرميون افغانستان جي موجوده سياسي صورتحال ۾ هڪ نئين مرحلي جي نشاندهي ڪري رهيون آهن، طالبان رجيم جي قبضي هيٺ عوام گذريل 5 سالن کان انساني حقن جي سنگين پائمالين کي مُنهن ڏئي رهيا آهن.











