اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي جي ضلعي لڪي مروت ۾ عزمِ استحڪام ويزن تحت اثرائتي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران ڪيترن ئي خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرائت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي زبردست خراجِ تحسين ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي بهادر پُٽن وقت سر ڪارروائي ڪندي لڪي مروت ۾ دهشتگردن …
وفاقي گهرو وزير پاران لڪي مروت ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي جي ضلعي لڪي مروت ۾ عزمِ استحڪام ويزن تحت اثرائتي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران ڪيترن ئي خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرائت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي زبردست خراجِ تحسين ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي بهادر پُٽن وقت سر ڪارروائي ڪندي لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو ۽ خوارجين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. پوري قوم ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين ۽ قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. محسن نقوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. هن چيو ته پوري قوم دهشتگرديءَ جي لعنت خلاف هڪ آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











