اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۾ عزم استحڪام ويزن تحت اثرائتيون انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون جاري آهن. فورسز لڪي مروت ۾ ڪيترن ئي خوارجين کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو. لڪي مروت ۾ ڪيل انهن ڪاررواين دوران ڪيترائي خوارجي مارجي ويا، مارجي ويل …
سيڪيورٽي فورسز پاران ڪي پي ڪي ۾ عزم استحڪام ويزن تحت اثرائتيون انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون، ڪيترائي خوارجي مارجي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۾ عزم استحڪام ويزن تحت اثرائتيون انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون جاري آهن. فورسز لڪي مروت ۾ ڪيترن ئي خوارجين کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو. لڪي مروت ۾ ڪيل انهن ڪاررواين دوران ڪيترائي خوارجي مارجي ويا، مارجي ويل خوارجي دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گوله بارود ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز هٿان فتنه الخوارج جي ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته ڪاررواين ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رهي ۽ مقامي آباديءَ کي ڪو نقصان نه پهچي. سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکندا اچن.











