خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پاران ڪوئٽه ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

پشاور-31 جولاءِ(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي ڪوئٽه ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب کاڻ ۾ حاثي وقت ڪي پي ڪي صوبي جي شانگله ضلعي جا ڪيترائي مزدور موجود هئا. وڏي وزير سهيل آفريدي فوت ٿي ويل مزدورن جي ڪٽنبن سان دلي همدري ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان …

پشاور-31 جولاءِ(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي ڪوئٽه ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب کاڻ ۾ حاثي وقت ڪي پي ڪي صوبي جي شانگله ضلعي جا ڪيترائي مزدور موجود هئا. وڏي وزير سهيل آفريدي فوت ٿي ويل مزدورن جي ڪٽنبن سان دلي همدري ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته صوبائي حڪومت متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهي ۽ انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وڏي وزير لاڳاپيل ادارن کي متاثر ڪٽنبن سان  لڳاتار رابطي ۾ رهڻ ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ۽ ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جا مڙه انهن جي اباڻن علائقن ڏانهن منتقل ڪرڻ جا سمورا ضروري انتظام ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته متاثر ڪٽنبن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن.