ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايلسن بليڪ برن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل انويسٽمينٽ راؤنڊ ٽيبل ڪانفرنس جي نتيجن ۽ فالو اپ قدمن جو جائزو ورتو ورو. بليڪ برن سان گڏ ڪراچي ۾ ڊپٽي هيڊ آف مشن ٽام برج موجود هو جڏهن ته وڏي وزير جي مدد سندس سيڪريٽري آصف جميل …
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايلسن بليڪ برن سان ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايلسن بليڪ برن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل انويسٽمينٽ راؤنڊ ٽيبل ڪانفرنس جي نتيجن ۽ فالو اپ قدمن جو جائزو ورتو ورو. بليڪ برن سان گڏ ڪراچي ۾ ڊپٽي هيڊ آف مشن ٽام برج موجود هو جڏهن ته وڏي وزير جي مدد سندس سيڪريٽري آصف جميل ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين راؤنڊ ٽيبل جي بحثن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڌيان ڇڪرائڻ آهي. وڏي وزير سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انفراسٽرڪچر، انرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ۽ پبلڪ سروسز سميت وڏن شعبن ۾ برطانوي ڪاروبار سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ برطانوي هاءِ ڪميشن وچ ۾ مسلسل رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو.











